151

بولڊ لباس پائڻ غلطي هئي، هاڻ سمجهدار ۽ وڏي ٿي وئي آهيان: صدف ڪنول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪاره صدف ڪنول چيو آهي ته بولڊ لباس پائڻ غلطي هئي، هاڻ سمجهدار ۽ وڏي ٿي وئي آهيان، ٻيهر اهڙي غلطي نه ڪنديس، صدف ڪنول جي هڪ انٽرويو جي ڪلپ وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هون پنهنجي ماضي ۾ ڪيل فيش بابت ڳالهائي رهي آهي، هن چيو جڏهن توهان ننڍا هوندا آهيو ۽ توهان کي ڪا سمجهه ۾ ناهي هوندي تڏهن توهان ڪو به فيشن ڪري وٺندا آهيو ۽ بولڊ لباس پائيندا آهيو، پر جئين جئين اوهان وڏا ٿيندا آهيو ته شين کي سٺي طريقي سان سمجهند آهيو، ائين آئون هاڻي وڏي ۽ سمجهدار ٿي ويا آهيان، مون سوچي ورتو آهي ته هاڻي بولڊ لباس نه پائنديس ماضي ۾ ڪيل غلطي ٻيهر نه ڪنديس جيڪو فيشن ڪرڻو هو شادي کان اڳ ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو