136

آمريڪا ڀارت کي اسٽريٽجڪ پارٽنر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي،پاڪستان کي رڳو گند صاف ڪرڻ لاءِ ڪارائتو سمجهي ٿو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا 20 سالن تائين افغانستان جو مسئلو فوجي طاقت ذريعي حل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. هاڻ آمريڪا فيصلو ڪري ورتو آهي ته سندس اسٽريٽجڪ پارٽنر ڀارت هوندو ۽ منهنجي خيال ۾ ان جي ڪري ئي پاڪستان سان اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هو پاڪستان کي رڳو 20 سالن دوران  افغانستان ۾ پنهنجي ڪيل گند کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪارائتو سمجهي ٿو. اسلام آباد ۾ پرڏيهي صحافين سان ڳالهين دوران وزيراعظم چيو ته افغانستان جي تڪرار جو ڪوبه فوجي حل نه آهي. اسان واضح ڪري چڪا آهيون ته پاڪستان ۾ آمريڪا جو ڪوبه فوجي اڏو نٿا چاهيون. افغان جنگ جي دوران پاڪستان 70 هزار  انساني حياتين جي قرباني ڏني ۽  قبائلي علائقن جي 30 لک ماڻهن کي  گهر ڇڏڻو پيو. افغانستان ۾ آمريڪا جي  ناڪامي کان پوءِ هاڻ ان جي نظر ۾ پاڪستان ان جو افغانستان ۾ ڇڏيل 20 سالن جو گند صاف ڪرڻ جي لاءِ رهجي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪجهه مهينا اڳ اسلام آباد ۾ طالبان اڳواڻن سان ملاقات دوران انهن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ان جي لاءِ تيار نظر نه آيا. طالبان چيو ته جيستائين اشرف غني افغانستان جو صدر رهندو هو ڳالهيون نه ڪندا. ان ڪري هاڻوڪين حالتن ۾ افغانستان جو ڪوبه سياسي حل نظر نه پيو اچي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ پهرين ترجيح هيٺ جنگ بندي ٿيڻ گهرجي ڇو ته گهرو جنگ سبب خطي ۾ معاشي ايجنڊا پوئتي رهجي ويندي. جيڪڏهن طالبان ڪابل تي قبضو ڪري ورتو ته ان جو مطلب خطي ۾ ڊگهي گهرو ويڙهه ٿيندي. پاڪستان جي پهرين ترجيح افغانستان ۾ جنگبندي آهي. پاڪستان افغان عوام جي چونڊيل حڪمرانن سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسان نٿا چاهيون ته افغانستان مان پناهگير  ٻيهر پاڪستان اچن. عمران خان چيو ته چين پوري دنيا ۾ سپر پاور جي طور تي اڳيان اچي رهيو آهي. چين ڏکيي وقت ۾ ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو. چين افغانستان جو پاڙيسري آهي. ان لاءِ اتي امن قائم ڪرڻ لاءِ چين جو ڪردار اهم هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو