اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) داسو ۾ چيني انجنيئرن تي حملي ۾ ڀارت ۽ افغان ايجنسيون ملوث نڪتيون آهن، واقعي ۾ افغان ڌرتي استعمال ٿيڻ سميت اهم ثبوت ملي ويا آهن، حملي جو اصل نشانو ڊيم هئڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي. ان سلسلي ۾پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حملي ۾ ”را“ ۽ افغان ڳجهي ايجنسي اين ڊي ايس جو ڳٺ جوڙ پڌرو ٿي ويو آهي، واقعي ۾ افغان ڌرتي استعمال ٿي. پاڪستان افغان حڪومت کان چيني انجنيئرن تي حملي ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۽ انهن کي پاڪستان جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪري ڇڏيو آهي. پڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ خيبر پختونخوا جي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جاويد اقبال واقعي جي جانچ بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته حملو ڪندڙن جو پهريون ۽ اصل نشانو ديامر ڊيم هو پر اهو هدف ڏکيو ٿيڻ سبب چيني انجنيئرن جي گاڏيءَ کي ئي نشانو ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته چيني انجنيئرن جي گاڏيءَ تي افغانستان ۾ موجود تحريڪ طالبان پاڪستان جي طارق گروپ سان واسطو رکندڙ افغان شهري خالد عرف شيخ افغانستان مان اسمگل ٿيل ڪار جي ذريعي 100 کان ڪلو گرام کان وڌيڪ بارودي مادي سان آپگهاتي حملو ڪيو. حملو ڪندڙ جو پهريون ۽ اصل نشانو ديامر ڊيم هو پر اهو هدف ڏکيو ٿيڻ سبب چيني انجنيئرن جي گاڏيءَ کي ئي نشانو ڪيو ويو. واقعي واري هنڌ تان جيڪي شيون مليون تن ۾ گاڏي جا حصا ۽ انساني عضوا شامل هئا، عضوا نادرا ڊيٽا بيس ۾ تصديق ڪراياسين، ان سان جاچ ۾ ليڊ ملي. حملي جي رٿابندي ٽي ٽي پي جي افغان شهرين معاويه ۽ طارق ڪئي جن افغانستان ۾ را ۽ اين ڊي ايس کان سکيا ورتي، حملي ۾ استعمال ٿيل گاڏي افغانستان ۾ چمن واري رستي کان پاڪستان جي سوات واري علائقي ۾ آئي ۽ پوءِ اها گاڏي نومبر 2020 ۾ حسين نالي واري شخصسوات جي شوروم تان خريد ڪئي، گاڌي جو مالڪ ڪراچي هليو ويو جتان ان کي گرفتار ڪيو ويو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته چيني انجنيئرن تي حملي جي واقعي ۾14 ڪردار شامل هئا، دهشتگردن جو نيٽ ورڪ پاڪستان ۾ موجود هو، پاڪستان ۾ موجود سمورا 4 سهولتڪار ۽ هينڊلرز گرفتار ڪيا ويا. ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته داسو حملو ”را“ ۽ اين ڊي ايس ڪرايو، رٿابندي افغانستان ۾ ٿي، دهشتگرد حملي ۾ ملوث سمورا ڪردار وائکا ٿي ويا آهن، هن چيو ته افغان سفير سان سمورا معاملا شيئر ڪيا آهن، چيني ٽيم هتي آئي هئي، ان سان سموري ڄاڻ شيئر ڪئي، اهي مطمئن نظر آيا. فغانستان ۾ موجود سهولتڪار جي گرفتاري لاءِ افغان حڪومت سان رابطي ۾ آهيون، اسان جو مطالبو آهي ته افغانستان جي حڪومت رٿا بندي ڪندڙن کي پاڪستان حوالي ڪري.
