ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي ٽينڊرنگ ڪمپني طرفان پاڪستان پئٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) جي قاعدن ۽ ضبطن خلاف داخل ڪيل درخواست تي وفاقي حڪومت کي ٽن هفتن اندر جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه خانگي ٽينڊرنگ ڪمپني طرفان داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پاڪستان پئٽروليم لميٽيڊ جو هڪ ڪلاز بنيادي حقن جي خلاف آهي ۽ ڪلاز تحت پي پي ايل جي فيصلي کي چئلينج نٿو ڪري سگهجي جيڪڏهن ڪو پي پي ايل خلاف ڪيس ڪندو ته ان کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو جنهن تي عدالت وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ٽن هفتن اندر جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
