ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنڪ مان 30 لک رپيا گم ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل خانگي بئنڪ جي چيف ڪيشر سيد مزمل جعفري خلاف نيب جي ڪارروائي کان روڪڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي نيب ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 25 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه مزمل جعفري پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته درخواستگذار خانگي بئنڪ جو چيف ڪيشيئر آهي ۽ سندس مٿان 30 لک رپيا گم ڪرڻ جو الزام آهي جنهن بابت نيب سندس خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته نيب قانون مطابق بئنڪ مان رقم گم ڪرڻ بابت ڪارروائي نيب جو اختيار ناهي جنهن ڪري نيب کي ڄاڻايل معاملي ۾ ڪارروائي ڪرڻ کان روڪيو وڃي.
