121

سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس مقابلي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي سزا ختم ڪري ڇڏي

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس مقابلي ۽ غير قانوني ھٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ ٻن جوابدارن سلمان ۽ شهباز جي سزا ختم ڪري کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل ٻنهي جوابدارن پاران ماتحت عدالت جي فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيلن جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. دھشتگردي جي انت واري  خاص عدالت ٽي سال اڳ ڄاڻايل ٻنهي جوابدارن کي پوليس مقابلي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور 17-17 سال قيد جي سزا ٻڌائي ھئي. جوابدارن خلاف  قائد آباد ٿاڻي  تي 2018 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو