144

ڪرپشن الزام هيٺ آيل سيڪريٽري ريحان بلوچ جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ 13 آڪٽوبر تائين واڌ

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري ريحان بلوچ جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ 13 آڪٽوبر تائين واڌ ڪندي نيب کي سندس خلاف انڪوائري بابت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ڪالهه عدالت ريحان بلوچ جي ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل عدالت کي گذارش ڪئي ته ريحان بلوچ ۽ ٻين خلاف انڪوائري هلندڙ آهي جيڪا مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهرجي، جنهن تي عدالت ريحان بلوچ جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ واڌ ڪندي نيب کي ايندڙ ٻڌڻي تائين اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، نيب موجب ريحان بلوچ سنڌ جي تعليم ۽ صحت کاتن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جي عهدن تي رهيو آهي جنهن دوران ان ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي جنهن جي شڪايت ملڻ تي سندس خلاف انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو