158

ملازمت مان نيڪالي ڏنل نوجوان ٽڪ ٽاڪ مان ڪروڙ پتي بڻجي ويو

 لنڊن (ويب ڊيسڪ) ملازمت مان نيڪالي ڏنل نوجوان ٽڪ ٽاڪ مان ڪروڙ پتي بڻجي ويو، پرڏيهي ميڊيا موجب  ٽڪ ٽاڪ سميت سوشل اڪائونٽس تي پنهنجي وڊيوز سان مقبوليت حاصل ڪندڙ خباني ليم ڪروڙ پتي بڻجي ويو آهي،  21 سالن جي اسٽار کي عالمي وبا دوران پيدا ٿيل بحران سبب نوڪري مان برطرف ڪيو ويو هو، نوجوان گهر ۾ وڊيوز ٺاهڻ شروع ڪيون، سندس ٽڪ ٽاڪ تي 10 ڪروڙ کان وڌيڪ فالوئرز آهن، رپورٽ موجب خباني پنهنجي مختصر ٽڪ ٽاڪ وڊيوز سان هينئر تائين 1.3 ملين ڊالر مان 2.7 ملين ڊالر ڪمائي چڪو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو