122

ڪراچي: محمد علي سوسائيٽي جي هڪ گهر ۾ باهه، ٻن عورت سميت 5 ڄڻا سڙي فوت

 ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گهر کي باهه، ٻن عورت سميت 5 ڄڻا سڙي فوت، ان سلسلي ۾ ڪراچي جي محمد علي سوسائتٽي ميران شاهه روڊ تي هڪ گهر کي اوچتو باهه لڳي وئي، باهه سبب سلطان مرزا، شازيا مرزا، صبيحا مرزا، فرحت ۽ اڪبر فوت ٿي ويا، ريسڪيو عملدارن موجب گهر ۾ 7 ڄڻا موجود هئا، 5 ڄڻا دونهون ڀرجڻ ۽ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيا، پوليس جو چون آهي ته بيهُش ٿيلن کي نازڪ حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته هو فوت ٿي ويا، فوت ٿيلن ۾ فرحت مرزا جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پروفيسر هئي، ريسڪيو عملدارن موجب گهر ۾ باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي ۽ ٽين فائر ٽينڊرز جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو، جنهن دوران فائر فائٽر صادق حسين به زخمي ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو