ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 39 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 1783 نوان ڪيس سامھون آيا ۽ 2229 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن، اھا ڳالھ وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 21430 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 1783 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 8.3 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 39 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 6355 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح 1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 5230652 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 407875 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 2229 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 353808 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 86.7 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 47712 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 46203 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، 1469 مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 40 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 1310 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 103 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 1783 ڪوويڊ ڪيسن مان 1013 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ ڪراچي اوڀر ۾ 318، ڪراچي سينٽرل ۾ 205، حيدرآباد ۾ 191، ڪراچي ڏکڻ ۾ 174، ملير ۾ 173، ڪورنگي ۾ 106، بدين ۾ 85، ڄامشورو ۾ 53، ٺٽي ۾ 45، سانگھڙ ۾ 42، ميرپورخاص ۾ 41، ٿرپارڪر ۽ نوابشاھھ ۾ 40-40، ڪراچي اولھھ ۽ نوشھروفيروز ۾ 37-37، دادو ۾ 31، ٽنڊو محمد خان ۾ 27، مٽياريءَ ۾ 24، عمرڪوٽ ۾ 16، ٽنڊوالھيار ۽ سجاول ۾ 15-15، خيرپور ۾ 13، ڪشمور ۾ 11، سکر ۽ گھوٽڪي 6-6 ۽ قمبر ۾ ھڪ وڌيڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي. ويڪسينيشن جي حوالي سان انگ اکر ٻڌائيندي وڏي وزير آگاھي ڏني تھ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 201520 ويڪسين لڳايون ويون آهن ۽ گڏيل طور تي 8791946 ويڪسين لڳايون ويون آھن جيڪي آبادي جو 25.78 سيڪڙو بڻجي ٿو.
