113

90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ اڻٽر آهي: صدر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ اڻٽر آهي، آءِ ووٽنگ نظام جي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪميٽي جي 22 هين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، آءِ ٽي جو سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت، نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ نادرا صدر کي آءِ ووٽنگ تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر عارف علوي چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ لاءِ آءِ ووٽنگ اڻٽر آهي، آءِ ووٽنگ نظام جي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال وڃي، هن هدايت ڪئي ته نادرا آءِ ووٽنگ نظام جي تياري ۾ ٽيڪنيڪي چئلينجز ختم ڪرڻ لاءِ مدد فراهم ڪري. اجلاس ۾ آءِ ووٽنگ جي نظام جي تياري ۾ تيزي آڻڻ، نگراني ڪرڻ ۽ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صدر آءِ ووٽنگ نظام جي تياري ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو