141

215 شاگردن مٿان ڪيس ڪري 8 انويجيليٽرز کي هٿايو ويو: اسماعيل راھو 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي صوبائي وزير اعتراف ڪيو آهي ته 215 شاگردن مٿان ڪيس ڪري 8 انويجيليٽرز غلفت تي هٽايو ويو آهي، صوبائي وزير محمد اسماعيل راھو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سکر ، حيدرآباد ، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ڊويزنن جي امتحاني مرڪزن ۾ 215 شاگرد ڪاپي ڪندي پڪڙيا ويا ۽ 46 نوجوانن کي حقيقي اميدوارن جي جاءِ تي پيپر ڏيندي پڪڙيو ويو ۽ انھن جا ڪيس ڊسپلينري ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيا ويا. هن وڌيڪ چيو ته 17 شاگرد پيپرن جي ردوبدل ڪندي پڪڙيا ويا ۽ انهن جا ڪيس پڻ لاڳاپيل ڊسپلنري ڪميٽي جي حوالي ڪيا ويا ، جڏهن ته 8 انويجيليٽرز کي فرضن ۾ غفلت ڪرڻ تي معطل ڪيو ويو. اسماعيل راهو شڪايت ملڻ کانپوءِ امتحاني مرڪزن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻن جا فون رکڻ تي انھن کان 50 روپيا  چارج وٺڻ جو نوٽيس ورتو ۽ سمورن امتحاني مرڪزن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته شاگردن کان موبائل فون رکڻ جي چارج نه ورتي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو