117

سنڌ حڪومت ارسا جي پاڻي ورهائڻ جي فارمولا تي ٻيهر اعتراض واري ڇڏيو، سنڌو نديءَ مان سي جي ۽ ٽي پي ڪئنالن ۾ پاڻي ڇوڙ بند ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ارسا جي پاڻي ورهائڻ جي فارمولا تي ٻيهر  اعتراض واري سنڌو نديءَ  مان سي جي ۽ ٽي پي ڪئنالن ۾ پاڻي ڇوڙ بند ڪرڻ جو مطالبو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي آبپاشي کاتي ارسا کي جوابي خط لکي ڇڏيو آهي. ان خط ۾  ارسا جي پاڻي ورهاست واري فارمولا تي ٻيهر  اعتراض واريندي پنجاب جي تونسا پنجند ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪئنالن کي سنڌو نديءَ مان پاڻي ڏيڻ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته ارسا کان سڀني ڪئنالن ۾ پاڻي ڇڏڻ جي حقيقي ڊيٽا به گهري ورتي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪوٽڙي بئراج ملڪ جو آخري بئراج آهي ۽ سڀني بئراجن تي هڪ جيتري ڪٽوتي نا انصافي آهي. ٻي پاسي زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني سان گڏ سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  ارسا به بادشاهه ادارو ۽ وزراعظم پاڻ به بادشاهه آهي، جيڪڏهن سنڌ کي پاڻي جو حق ملندو ته آبادگارن کي فائدو ٿيندو، وزيراعظم کي زراعت جي شعبي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي، سنڌ جي پاڻي جو مسئلو پڻ حل ڪيو وڃي، سنڌ کي ان جو پورو پاڻي ڏنو وڃي. عمران سان حڪومت آبادگارن کان ٻين طريقن سان پئسا اوڳاڙڻ چاهي ٿي، آبادگارن کي ڀاڻ، دوائون ۽ ٻيون شيون مهانگيون ڏنيون پيون وڃن. ان ڪري زرعي ڀاڻ، دوائن ۽ ٻج تي ايف بي آر جو ٽيڪس ختم ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو