اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نور مقدم کي قتل کان اڳ زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف، اسلام آباد پوليس کي نور مقدم ڪيس جي فرانزڪ رپورٽ وصول ٿي وئي آهي، جنهن ۾ قتل کان اڳ مقتولا سان زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مقتولا نور مقدم جو پوسٽ مارٽم قتل کان 12 ڪلاڪن بعد ڪيو ويو، جوابدار ظاهر جعفر جو ڊي اين اي فنگرپرنٽس واقعي تان حاصل ڪيل نمونن سان ميچ ٿيون آهن.
