اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين لاءِ افغان ڌرتيءَ جو استعمال ٿيڻ افسوسناڪ آهي. پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي معاملن بابت مشاورتي ڪائونسل جي صدارت ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ٽياڪڙي واريون ڪوششون جاري رکڻ لاءِ پُرعزم آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، شوڪت ترين، عبدالرزاق دائود، سفير محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري، اسپيشل سيڪريٽري، پرڏيهي معاملن جي ماهرن، اڳوڻن پرڏيهي سيڪريٽرين ۽ سفيرن سميت ٻين ڪائونسل ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ افغانستان جي تيزيءَ سان بگڙجندڙ صورتحال سميت اهم سفارتي معاملن تي مشاورت ڪئي وئي ۽ پاڪستان ۾ ڪورونا وبا جي موجوده صورتحال، وبا جي معاشي اثرن ۽ انهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان به تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون سميت اسان جي اثرائتي حڪمت عمليءَ جي ڪري پاڪستان ۾ ڪورونا وبا جي شرح جي پکيڙ ۾ انتهائي گهٽتائي آهي. ڪورونا وبا جي معاشي اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪتب آڻي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته داسو سانحي جي تحقيقات ۾ هاڻي تائين سامهون آيل اڳڀرائيءَ بابت ڪائونسل جي ميمبرن کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين لاءِ افغانستان جي ڌرتيءَ جو استعمال ٿيڻ افسوسناڪ آهي، پاڪستان خطي ۾ تعمير ۽ ترقي ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ امن کي اڻٽر سمجهي ٿو. افغانستان ۾ جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي ٿي ته ان جا پاڪستان تي سڀ کان وڌيڪ خراب اثر پوندا. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجون ٽياڪڙي واريون ڪوششون جاري رکڻ لاءِ پُرعزم آهي. اجلاس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ ٻين اهم سفارتي معاملن جي حوالي سان به غور ويچار ڪيو ويو.
