اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين واپاري خساري ۾ گهٽتائيءَ لاءِ ايڪسپورٽ ۾ واڌ تي زور ڀريندي ان سلسلي ۾ جامع طرز عمل اختيار ڪرڻ جي اختيار ڪئي آهي. هن ويليو ايڊڊ مصنوعات جي ايڪسپورٽ ۾ واڌ بابت پُراڻن مسئلن کي سهڻي نموني سان ۽ سمورين ڌُرين لاءِ برابر فائديمند بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو آهي. اهڙو اظهار هن هتي ناڻي وزارت ۾ ايڪسپورٽ جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ان موقعي تي صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير سيد فخر امام، سيڙپڪاريءَ بابت وزيراعظم جو مشير عبدالرزاق دائود، محصول بابت خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باگر، ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد، سيڪريٽري پيٽروليم ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون به ان موقعي تي موجود هيون. سيشن جي صدارت وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ بابت مشير عبدالرزاق دائود ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي هن چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمگير وبا جي تناظر ۾ ڏُکي صورتحال ۾ ايڪسپورٽ ۾ نمايان اضافي تي ايڪسپورٽرز جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن وفد کي ڪيش بابت مسئلن جي حل لاءِ مڪمل معاونت جو يقين ڏياريو، وفاقي وزير شوڪت ترين واپاري خساري ۾ گهٽتائيءَ لاءِ ايڪسپورٽ ۾ واڌ ۽ ان سلسلي ۾ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن جٽادار اؤسر لاءِ ايڪسپورٽ ۾ واڌ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ تي پڻ زور ڀريو. ملڪ ۾ توانائي جي موجوده ضرورتن بابت سوال تي ناڻي واري وزير بجلي جي وڌيڪ طلب واري وقت ۾ متبادل ٻارڻ جي آپشن کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان لاڳاپيل علائقن ۾ يوٽيلٽي ادارن جي نمائندن تي ٻَڌل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن حقيقي معنيٰ ۾ توانائي جي ضرورتن تي ضابطو آڻي سگهجي. ناڻي واري وزير ايڪسپورٽرز کي ري فنڊز جي فوري ادائگيءَ جو به يقين ڏياريو. شوڪت ترين ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت جي تصديق وارن ري فنڊز کي مستقبل جي ايڊجسٽمينٽ سان مشروط ڪري عبوري بنيادن تي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ناڻي واري وزير ان سلسلي ۾ واپار واري وزارت، ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي نمائندن تي ٻڌل ذيلي ڪميٽي به قائم ڪئي جيڪا انهن معاملن کي فوري طور تي حل ڪندي. انهن قدمن جو بنيادي مقصد ايڪسپورٽرز کي وقت سر ادائگيءَ کي ممڪن بڻائڻ آهي.
