112

پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، افغانستان ۾ آمريڪا جي ناڪاميءَ کي پاڪستان تي الزام لڳائڻ هڪ ٻي سنگين غلطي هوندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته دنيا جي سپر پاور سڀ کان غريب ملڪ تي حملو ڪيو ۽ 20 سالن تائين قبضي بعد پنهنجو خسارو گهٽائڻ لاءِ اوچتو پنهنجي فوج جي واپسيءَ جو فيصلو ڪيو ۽ واپسيءَ کان اڳ ئي ڏسي ورتو آهي ته ان جو مڙهيل ڍانچو زمين ۾ دٻجڻ شروع ٿي ويو آهي، يقيني طور تي اها مايوس ڪُن صورتحال آهي. آمريڪا ۾ جيڪي ان مؤقف کي اڳيان وڌائي رهيا آهن انهن پنهنجي ناڪامين تي پاڪستان کي پنهنجي ناڪاميءَ جو ذميوار قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها هڪ ٻي غلطي هوندي. هن وقت سمورين ڌُرين کي گڏجي ڪري امن لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اسد عمر چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو حامي رهيو آهي ۽ رهندو. هن چيو ته ان وقت افغان حڪومت ۾ شامل ڪجهه بدعنوان عنصرن جي ڳالهين تي ڪن ڏيڻ جي ڪا ضرورت ناهي، انهن ماڻهن جي ناڪاميءَ جو سبب اهو آهي ته اهي افغان عوام کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جي اهليت نٿا رکن ۽ ان جي ڪري ئي ڪمزور ۽ اڪيلا ٿي چڪا آهن. عالمي ۽ علائقائي ڌُرين کي انهن ڪجهه بدعنوان عنصرن جي خاطر افغان عوام جي مفادن کي قربان نه ڪرڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو