ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي شهر ورونيز ۾ مسافر بس ويجهو ڌماڪي ۾ هڪ عورت مارجي وئي ۽ 17 زخمي ٿي پيا آهن . جنهن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي . فرانسيسي خابرو اداري وجب اهو ڌماڪو گذريل ڏينهن ان وقت پيش آيو جڏهن بس جنهن ۾ 35 ماڻهو سوار هئا ، هڪ شاپنگ سينٽر ويجهو بيهي رهي هئي . ڌماڪي سبب بس جا شيشا ۽ ڇت ٽٽي پئي . ورونيز جي گورنر سيرگئي سوڪولوف ٻڌايو آهي ته ڌماڪي جي نوعيت فوري طورتي معلوم ناهي ٿي سگهي.
