لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته پاڪستان پروردگار طرفان هڪ وڏي نعمت آهي، ان ۾ رهندڙ هر پاڪستانيءَ کي ان جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. پاڪستان جي 74هين آزاديءَ واري ڏينهن جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته وطنِ عزيز سان محبت اسان جي ايمان جو حصو آهي ۽ هي ڏينهن ان عهد جي وعدي وفا جو ڏينهن آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ اسان کي ڪابه ڪسر ڇڏڻي ناهي. هن چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز جو مقابلو صرف ۽ صرف اتحاد، رواداري، ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ سان ئي ملي سگهي ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻيءَ ۾ اهو عزم ڪيو آهي ته ملڪ جي عوام کي ان جو صحيح مقام، نالو ۽ ڪم جو حقدار بڻائيندي. پنجاب جي گورنر وڌيڪ چيو ته نوجوان اقبال جي پيغام هر شخص ملت جي مقدر جو ستارو ۽ باباءِ قوم جي فرمان ايمان، اتحاد، تنظيم تي عمل پيرا ٿي خود کي ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ لاءِ وقف ڪندو.
