حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ جشن آزادي ملھائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. 14 آگسٽ تي جشن آزادي جي حوالي سان حيدرآباد ۾ سياسي، سماجي، ادبي تنظيمن سميت شھرين ۽ سرڪاري طور تقريبون منعقد ڪيون وينديون. جشن آزادي جي حوالي سان سمورين سرڪاري آفيسن تي چراغان ڪيو ويو رنگين بلبن ۽ قومي جھنڊي وسيلي جشن آزادي جي پروگرامن ۾ خوبصورت رنگ سمايل آھن. حيدرآباد پريس ڪلب تي به جشن آزادي جي حوالي سان چراغان ڪيو ويندو . ٻارن توڙي نوجوانن بزرگن ۽ عورتن طرفان جشن آزادي جي حوالي سان قومي جھنڊي وارا بيج لڳايا ويا آھن جڏھن ته موٽرسائڪيلن سميت سمورين گاڏين تي ملڪ جو قومي جھنڊو لڳائي جشن آزادي کي ڀرپور نموني سان ملھائڻ جي تياري ڪئي وئي آهي
