لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري هول سيل دڪاندار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل مطابق لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري بوتل ۽ جوس جي هول سيل دڪاندار 29 ورهين جي شادي شده نوجوان تنوير احمد پٽ ادريس راجپوت کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اهڙو اطلاع تي حد جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا ۽ مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي ان اڳ ٻه ڀيرا ساڳي ئي دڪانن تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي جڏهن ته سال اڳ به 13 آگسٽ تي هٿياربندن تنوير احمد کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو اهڙو ڪيس اسان حد جي سول لائين ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر پوليس بروقت هٿياربندن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي جنهن ڪري اڄ ٻيهر هٿياربندن دڪان تي فائرنگ ڪري تنوير احمد کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري اهڙو ڪيس داخل ڪيو وڃي. ان حوالي سان سول لائين ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن بوتل ۽ جوس جي هول سيلر دڪاندار تنوير احمد راجپوت کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي جنهن واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا اهيون تمام جلد واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد مقتول نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي. واضع رهي ته سال اڳ هٿياربندن دڪاندار تنوير احمد راجپوت مٿان فائرنگ ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو.
