جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد کان ڪوئيٽا ويندڙن جي ڪار سان سبي لڳ حادثو، 2 ڄڻا فوت، 3 زخمي، ان سلسلي ۾ اي ڊي سي ڪالوني واسي پنهنجي ڪار تي ڪوئيٽا وڃي رهيا هئا ته بختيارآباد لڳ تيز رفتاري سبب ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽيون کائيندي کاهي ۾ ڪري پئي، حادثي ۾ محسن علي پٽ محمد علي کوسو ۽ نينگر محمد يوسف پٽ محمد امين کوسو موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪليم الله پٽ دلمراد، راشد علي پٽ محمد امين ۽ ذاڪر پٽ عبدالحڪيم کوسو سخت زخمي ٿي پيا، هوڏانهن سائبا رضاڪارن ايمبولينس ذريعي لاش اسپتال آندا، جتي زخمين کي علاج ڏنو ويو، هوڏانهن اطلاع تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته وارث لاش وٺڻ لاءِ سبي روانا ٿي ويا هئا.
