ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ميرپورماٿيلو جي سومرا ڪالوني ويجھو بغير ڦاٽڪ جي ريلوي ٽريڪ تان موٽرسائيڪل ڪراس ڪندي ٽرين جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پيءُ ۽ پٽ شديد زخمي، پي اسپتال نيندي رستي ۾ ئي فوت، زخمي ٻار کي رحيم يار خان ريفر ڪيو ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، خبر موجب؛ ميرپورماٿيلو جي سومرا ڪالوني ويجھو بغير ڦاٽڪ جي ريلوي ٽريڪ تان موٽرسائيڪل ڪراس ڪندي ٽرين موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ سبڙ بوزدار جا رھواسي پيءُ ۽ پٽ شديد زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال ميرپورماٿيلو پھچايو ويو جتي کين سڃاڻپ ڳوٺ سبڙ بوزدار جي رھواسين شمن بوزدار ۽ سندس معصوم پٽ واجد بوزدار طور ٿي آھي جڏھن ته شمن بوزدار زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو جنھن جو مڙھ ضروري ڪاروائي بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو هوڏانهن زخمي معصوم 5 ورھين جي ٻار واجد بوزدار کي ڳڻتي جوڳي واري حالت ۾ رحيميار خان ريفر ڪيو ويو ته سندس رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي معصوم نينگر به دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ٻئي لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو سندس ڳوٺ ۾ ڏک وارو ماحول ڇائنجي ويو .
111