106

ٺل واسي گادي نشين جي ڪار ڏوڪري ڀرسان ڪلٽي، گهرواري، سهرو ۽ 2 پٽ فوت، 2 ڄڻا زخمي

 لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) ٺل واسي درگاهه سيد دامن علي شاهه جي گادي نشين ۽ سندس فيملي جي ڪار سان ڏوڪري ڀرسان حادثو، سندس گهرواري، سهرو ۽ 2 پٽ فوت، گادي نشين سميت 2 ڄڻا زخمي، اطلاع ملڻ تي ٺل ۾ ڏک جي لهر خبر موجب ٺل واسي درگاهه سيد دامن علي شاهه جو گادي نشين سيد سڪندر علي شاهه پنهنجي فيملي سميت ڪار ۾ ٺل اچي رهيو ته ڏوڪري ڀرسان سيهڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عالماڻي پوليس چوڪي وٽ سامهون ايندڙ تيز رفتار ڪار کي بچائيندي سندن ڪار ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن سبب ڪار ۾ سوار درگاهه سيد دامن علي شاهه جو گادي نشين سيد سڪندر علي شاهه جي گهرواري بيبي فرزانه، سندس سهرو شهزادو سيال ۽ سندس 2 معصوم پٽ سيد فرمان علي شاهه ۽ سيد اقرار شاهه موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته سيد سڪندر علي شاهه ۽ رستم ميمڻ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڏوڪري اسپتال مان طبي امداد بعد لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٺل ۾ حادثي جي خبر باهه جيان پکڙجي وئي جنهن بعد شهرين ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي، ڪيترائي شهري سيد سڪندر علي شاهه جي رهائشگاهه تي پهچي ويا ۽ لاڙڪاڻي روانا ٿي ويا، جڏھن ته فوتين کي اڄ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو