104

طالبان 34 مان 15 صوبن تي قبضو ڪري ورتو، آمريڪا پريشان، پنهنجا شهري ڪڍڻ لاءِ 3 هزار فوجي موڪلڻ جو فيصلو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ نيٽو طرفان افغانستان مان فوج ڪڍڻ کان پوءِ ملڪ تيزيءَ سان طالبان جي ڪنٽرول ۾ وڃي رهيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ جي ٻي نمبر جي سڀ کان اهم صوبي قندهار ۽ هرات سميت وڌيڪ 4 صوبن تي قبضو ڪري ورتو آهي، جنهن کان پوءِ پوري ملڪ جي 34  صوبن مان 15 صوبن تي طالبان جو قبضو ٿي چڪو آهي. هن وقت تائين جن 15 صوبن تي طالبان جو مڪمل قبضو ٿي چڪو آهي تن ۾ قندهار، هرات، هلمند، بادغيس، نمروز، جوزجان، سرِ پل، قندوز، تخار ،سمنگان، بدخشان، غزني، غور  ۽ افغان صدر اشرف غني جو اباڻو صوبو  لوگر پڻ شامل آهن. هرات پڻ ملڪ جو هڪ اهم ۽ تاريخي حيثيت رکندڙ صوبو آهي، جنهن تي قبضي دورا ن ملڪ جي طاقتور ۽ حڪومتي اتحادي ڪمانڊر  محمد اسماعيل خان، نائب گهرو وزير ، گورنر  ۽ ڪور ڪمانڊر سميت هزارين اهلڪارن هٿيار ڦٽا ڪري طالبان جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ڪمانڊر  محمد اسماعيل خان ملڪ جو وڏو اهم جنگجو آهي جيڪو ”هرات جو شينهن“ جي نالي سان به مشهور آهي. طالبان ان جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان پوءِ طالبان ويڙهاڪن سان گڏ نڪتل تصوير پڻ جاري ڪري ڇڏي آهي. افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جي ويجهڙ واري صوبي غزني تي پڻ طالبان جو قبضو ٿي چڪو آهي، جنهن کان پوءِ طالبان ڪابل کان رڳو 87 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي پهتل آهن. طالبان طرفان ڪابل جي گهير ي ۾لاڳيتو واڌ جاري آهي ۽ ڪيترن ئي شهرن سان ڪابل جو گهڻي ڀاڱي رابطو به ڪٽجي ويو آهي. صوبائي گادي وارن شهرن کان علاوه پوري ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري فورسز سان طالبان جي ويڙهه جاري آهي. ان دوران افغان فوجي ڀڄڻ  يا وري هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. هلمند جي گادي واري شهر لشڪرگاهه ۾ ڇتي ويڙهه دوران ڪيترائي پرڏيهي فوجي پڻ مارجي ويا آهن. جڏهن ته ٻين صوبن جا پڻ ڪيترائي ضلعا طالبان جي قبضي ۾ آيل آهن ۽ انهن جا رڳو گادي وارا شهر رهيل آهن جن تي به هاڻي طالبان تيزيءَ سان قبضو ڪري رهيا آهن اهڙي صورتحال آمريڪا سميت افغانستان ۾ مداخلت ڪندڙ سمورن ملڪن کي پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي. آمريڪا ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي پهرين پنهنجي شهرين کي افغانستان مان نڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي ان پنهنجي شهرين ۽ سفارتي عملي کي افغانستان مان ڪڍڻ لاءِ 3 هزار فوجي موڪلڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. ان کان علاوه برطانيا ۽ ڪئنيڊا پڻ پنهنجي شهرين کي ڪڍڻ لاءِ سوين فوجي افغانستان ۾ موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. برطانيا پنهنجي شهرين کي ڪڍڻ لاءِ 600 فوجي موڪلڻ جو فيصلو ڪرڻ سان گڏوگڏ 2 هزار انهن افغانين کي پڻ برطانيا منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪي پرڏيهي فوج لاءِ مترجم طور ڪم ڪندا رهيا آهن. هوڏانهن ملڪ جي مختلف علائقن مان ويڙهه سبب  لڏپلاڻ ڪندڙن به پناهه لاءِ ڪابل جو رخ ڪري ورتو آهي، جتي اڳ به وڏي انگ ۾ افغاني پناهه لاءِ پهتل آهن ۽ وڌيڪ پڻ پهچي رهيا آهن. اهڙي صورتحال سبب گڏيل قومن افغانستان جي پاڙيسري ملڪن کي پناهگيرن لاءِسرحدون کولڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. ٻي پاسي دوحه ڳالهين ۾ شريڪ سفارتڪارن ڳالهين کان پوءِ هڪ پڌرائي جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جو افغانستان ۾ قبضي واري حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾تسليم نه ڪيو ويندو. هوڏانهن نيٽو جي اڳوڻي ڪمانڊر ايگون رمس افغانستان ۾ طالبان جي تيزيءَ سان ٿيندڙ اڳڀرائي تي وڏي اچرج جو اظهار ڪندي افغانستان ۾ فوج ڪڍڻ کي هڪ وڏي غلطي قرار ڏنو آهي ۽ هن افغانستان جي سرڪاري فورسز جي اهليت تي پڻ سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو