ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو پاران قوم کي جشن آزادي مبارڪون ڏنيو آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو قوم کي جشن آزادي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي. 74هين سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ پي پي چيئرمين چيو ته اڄوڪو ڏينهن اسان جي بزرگن جي پرامن سياسي جدوجهد ڪامياب ٿيڻ جو ڏينهن آهي ۽ انهن جي جمهوريت پسند ويزن جي علامت آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي انهن عملن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته 74 سال گذرڻ کان پوءِ به اسان جي عوام آخر ڇو بنيادي سهولتن ۽ هڪجهڙن حقن کان محروم آهي ۽ امتيازي سلوڪ، انصاف نه ملڻ ۽ غربت جهڙين بيمارين جڪڙيل آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ان سوچ ۽ نظرئي جو تسلسل آهي جنهن جي بنياد تي اسان بانين هي عظيم ملڪ قائم ڪيو هو. پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻين ملڪ لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پڻ پيش ڪيو. هن چيو ته اڄ اهو عهد ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته اسان هر اهڙي سوچ ۽ ڪوشش جي مزاحمت ڪنداسين جيڪا عوام جي ووٽ ذريعي پنهنجي پسند ۽ ناپسند جو فيصلو ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندي آهي، هوڏانهن ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ لياري ۾ ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان بلاول هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ترجيحي بنيادن تي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال کان سواءِ لياري جي سارسنڀال سميت جامع ۽ موثر منصوبابندي کي حتمي شڪل ڏني وئي. اجلاس ۾ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو هدايت ڪئي ته ڪراچي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل وارو سلسلو جاري رکيو وڃي. لياري پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي، اسان گهٽي گهٽي ۾ عوامي مسئلا حل ڪنداسين. هن چيو ته ڪياماڙي کان ڪشمور تائين سنڌ جي ترقي ۾ تسلسل پاڪستان پيپلز پارٽي جو عزم آهي. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير، بلديات واري وزير، ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر، بلديات کاتي جو سيڪريٽري، ڊي سي سائوٿ، واٽر ۽ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ جي ايم ڊيز ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان ڏکڻ پنجاب جي صدر مخدوم احمد محمود بلاول هئاوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ پي پي جو ڪوآرڊينيٽر عبدالقادر شاهين پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پنجاب جي سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي عورتاڻي ونگ جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر فريال ٽالپر پوري قوم کي جشن آزادي جي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. ملڪ جي 74هين يوم آزادي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ فريال ٽالپر چيو آهي ته تحريڪ پاڪستان کان قيام پاڪستان تائين اسان جي وڏڙن جي تصور ۾ هڪ اهڙي رياست جو خاڪو هو جتي پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي هجي. هن چيو ته حقيقي جمهوريت کان سواءِ آزادي نامڪمل تصور ڪئي ويندي. ملڪ جي خوشحالي مستحڪم جمهوريت سان جڙيل آهي. فريال ٽالپر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي آصف علي زرداري کي خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي سياسي انتظام جو نشانو بڻجڻ باوجود شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نظرئي ۽ فلسفي تي اڳتي وڌي رهيا آهن.
