اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دشمن قوتن کي پاڪ – چين لاڳاپا ڪمزور ڪرڻ نه ڏينداسين. اهڙو اظهار هن ساڻس ملاقات ڪندڙ چيني سفير سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ چيني سفير ٻه طرفن لاڳاپن، ڪورونا ويڪسين ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته چيني سفير وزيراعظم کي چيني صدر ۽ وزيراعظم طرفان آزادي ڏهاڙي جي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم ڪورونا دوران چيني سهڪار ۽ ويڪسين جي فراهمي تي ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن، دشمن قوتن کي لاڳاپا ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، سي پيڪ خطي ۾ تبديلي لاءِ بهترين منصوبو آهي، پاڪستان ۽ چين سي پيڪ وقت تي پورو ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکندا. ملاقات دوران خطي جي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو ۽ وزيراعظم چيو ته افغان تڪرار جو فوجي حل نه آهي، پاڪستان ان تڪرار جو سياسي ڳالهين ذريعي حل چاهي ٿو. ٻي پاسي وزيراعظم عمران خان جمع ڏينهن نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهين جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ نادرا جي نئين موبائيل ايپ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي قومي تصديق ۽ تجديد جي رٿائن جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم کي نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ويزن ڊجيٽل پاڪستان تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم 66 نئين آفيسن ۽ 90 نئين موبائيل رجسٽريشن گاڏين جو به افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ اسين پهريون ڀيرو اهڙيون چونڊون ڪرائينداسين جنهن جا نتيجا سڀ قبول ڪندا، چونڊن ۾ ٿيندڙ ڌانڌلين ۽ اهڙين شڪايتن کي ختم ڪرڻ جو هڪ ئي حل اهو آهي ته ٽيڪنالاجي استعمال ڪجي. ٽيڪنالاجي کي ڊيٽا سان ڳنڍي ڇڏينداسين ته پوءِ نه ڪو ٺپا هڻي سگهندو ۽ نه ئي ڪو هڪ ماڻهو سئو ووٽ ڏئي سگهندو. هن چيو ته جيئن ووٽنگ مشينون اچي وينديون ته ايڪهين صدي جي پهرين اعتراضن کان آجي اليڪشن ڪرائينداسين.
