اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر ۾ وڌيڪ 79 ڄڻا فوت، 4619 نوان ڪيس، سنڌ ۾ 00 دم ڏنو، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران پازيٽو ڪيسن جي شرح 7.76 سيڪڙو رهي، هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي گهرواري ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي آهي،، ٻئي طرف ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ لاڪ ڊائون سبب ڪاروبار بند رهيو، جڏهن ته وڌيڪ ڪيترائي ماڻهو وائرس ۾ وٺجي ويا آهن، سنڌ ۾ هوڏانهن سينيٽ ۾ ڪورونا فنڊن ۾ مبينا بيقاعدگين معاملي تي اجلاس ٿيو، اجلاس دوران وفاقي سيڪريٽري ميڊيا آڏو بريفنگ ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، هن ان ڪئميرا بريفنگ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي پيپلزپارٽي جي ڪاميٽي ميمبر سينيٽر بهره مند تنگي اعتراف ڪيو ته عالمي معاملو ۽ عوامي اهميت جو مسئلو آهي، ان معاملي تي ان ڪئميرا ڇو وڃي؟، جنهن تي صحت واري سيڪريٽري چيو ته جيڪڏهن ڪورونا فنڊن ۾ ڪرپشن بابت بريفنگ ڏني ته پاڪستان کي ويڪسين ملڻ بند ٿي ويندي.
