110

پوليس آفيسرن جي ترقي جاچ ونگ ۾ ڪم ڪرڻ سان مشروط اي سي آر ان بنياد رتي ڏني ويندي: وڏو وزير

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي  وزير سيد مراد علي شاهه امن امان بابت جي صدارت ڪندي صوبائي پوليس کي واضح طور تي چيو آهي ته اهي عورتن، ٻارن، اقليتن خلاف ڏوهن، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ منشيات جي اسملنگ وارن واقعن کي برداشت نه ڪيو ويندو، انهن کي رهنما اصول سمجهڻ گهرڻ ۽ ان مطابق توجه ڏني وڃي، انڪري مان وزيراعليٰ هائوس ۾ ڏوهن واري صورتحال بابت هڪ الڳ يونٽ قاعم ڪري رهيو آهيان، تنهن ڪري صوبي جي سمورن پوليس زون، علائقن ۾ ڏوهن جي شرح ڪم ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، آئي جي پوليس مشتاق مهر، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي يعقوب منهاس، شهر جي سمورن زون جا ڊي آءِ جيز، ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد، ايڊيشنل آءِ جي سکر ۽ انهن جا ڊي آءِ جيز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. انسپيڪٽر جنرل پوليس مشتاق مهر وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پهرين جنوريءَ کان 5 آگسٽ 2021ع تائين صوبي ۾ دهشت گردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڪوبه واقعو پيش نه آيو آهي پر 1035 قتل، 103 ڀتي خوري ۽ ڀنڱ لاءِ اغوا جا 118 واقعا رپورٽ ٿيا. هن وڌيڪ چيو ته ڀنڱ لاءِ اغوا جا واقعا منصوبا بندي تحت ٿيا. آءِ جي پوليس چيو ته مانهن خلاف ڏوهن جا 10172 ڪييس ۽ 31107 املاڪ، 16745 متفرق، 17320 مقامي ۽ خاص قانون، 535 سنگين ۽ غير سنگين ۽ 24 توهين  رسالت جا واقعا رپورٽ ٿيا. آءِ جي پوليس آگسٽ 2021 جي ماهوار ڏوهن واري رپوپرٽ وڏي وزير کي ٻڌائيندي انڪشاف ڪيو ته صوبي۾ اقلتين جا 4 ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان هڪ ڪراچي اوڀر، 2 ميرپورخاص ۽ هڪ سکر ۾ شامل آهن،  اهڙي ريت عورتن خلاف ڏيهن جا 73 ڪيس رپورٽ ٿيا انهن مان 24 ڪراچي اوڀر، 18 ڪراچي ڏکڻ ۽ ڪراچي جي ٻين زون م 5، حيدرآباد ۾ 10، سکر 6، لاڙڪاڻي ۾ 6، نوابشاهه ۾ 3، هڪ ميرپورخاص ريجن ۾ رپورٽ ٿيا. جيئن بنابالغن خلاف ڏوهن جو تعلق آهي ته ان بابت 19 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ ڪراچي اوڀر ۾ 8، ڪراچي اولهه ۾ 7، ڪراچي ڏکڻ ۾ 2، حيدرآباد ريجن ۾ 2 شامل آهن. ڀتي خوريءَ جا 6 ڪيس رپورٽ ٿيا 3 ڪراچي اوڀر، ڪراچي ڏکڻ ۽ ڪراچي اولهه ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا. مشتاق مهر وڏي وزير کي ٻڌايو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي غيرقانوني چوريءَ جا 44 واقعا رپورٽ ٿيا جن مان حيدرآباد ۾ 32،  ميدرپورخاص ۾ 7 ۽ سائوٿ زون ۾ 5 شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته منشيات جا 244 ڪيس رپوٽ ٿيا، جن مان 59 ڏکڻ، 66 اوڀر ۽ 5 ڪراچي اولهه، حيدرآباد ۾ 63، لاڙڪاڻي ۾ 19، ميرپورخاص ۾ 17 ۽ سکر ۾ 15 شامل آهن. ڪراچي اسٽريٽ ڪرائم بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ موبائل ڦر جا 14816 ۽ فور وهيلر ڦر 137 ۽ چوريءَ جا 995، موٽر سائيڪل ڦر جا 2635 ۽ چوريءَ جا 28784 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچيءَ وڏي وزير کين ٻڌايو ته شهر ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي. ڪجهه واقعا جهڙوڪ زمان ٽائون ۾ نابالغ ڇوڪري ماهن جي اغوا ۽ قتل، گلبائي ۾ چين جي شهريءَ تي حملو ۽ ڪيس ۽ ڪيش وين ڦرجڻ، ايف بي ايريا ۾ ٻن ماڻهن جي قتل جا واقعا ذڪر جوڳا آهن. پوليس جي ڪارڪردگي بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پوليس 960 مقابلا ڪيا جن ۾ 674 گروهن جو سراغ لڳايو ويو، 61 دهشت گرد گرفتار، مارجي ويا. ۽ 9628 ڌاڙيل ماريا ويا، گرفتار ڪيا ويا. پوليس 3 ايل اين جي، 77 رائيفلون، 94 ايس اين جي ڪلاشنڪوف، 368 شارٽ گن، 110 دستي بم، 5163 پستول برآمد ڪيا. وڏي زير  بکي ٻڌايو ويو ته پوليس 6607 منشيات جي اڏن تي ڇاپا هنيا، 7502 ڪلو چرس، 198 ڪلو هيروئن ۽ 75307 ڪلو آئس برآمد ڪئي ۽ 8561 ايف آءِ  آر داخل ڪيون ۽ 10396 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو. حيدرآباد بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ته حيدرآباد رينجن روايتي طور تي گهٽ وڏهن وارو علائقو آهي سواءِ دودو جي جتي تشدد جا واقعا داخل ٿيا آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته ڪجهه اطلاع آهن ته حيدرآباد جي علائقي ۾ گٽڪي ماوي جو غيرقانوني واپار وڌي رهيو آهي ۽ دودو ڀيل ۽ شنڪر ملهي جي گهرن کي باهه لڳائڻ جا واقيا برداشت کان ٻاهر آهن. هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته حيدرآباد ريجن جي پوليس آفيسرن کي آگاهه ڪيو وڃي ته انهن واقعن تي مان خوش نه آهيان. اجلاس کي ٻڌايو ته هن سال ريپ جا 40 ۽ اغوا جا 272 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو ته گذريل سال جي انگن اکرن مان خبر پئي ته اغوا جا 192 واقعا رپورٽ ٿيا ۽ اهڙي ريت اغوا جي ڏوهن ۾ واڌ ٿي آهي. آءِ جي پوليس ٻڌايو ته وڌيڪ ڪيس بني ٽريپ تحت ٿيا آهن. سکر لاڙڪاڻي رينج بابت وڏي وزير چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي رينجن ۾ ڏوهن جا وڌندڙ رجحان نظر اچي رهيا آهن. هن سکر ريجن جي مقامي صحافي اجي ڪمار لعل واڻي جي مثال ڏني، هن وڌيڪ چيو ته مان اهو ڄاڻ ڪري وڌيڪ فڪرمند آهيان ته لاڙڪاڻي رينج ۾ 69 عورتن کي بطور ڪاروڪاري غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن تفتيش ڪندڙ کي هدايت ڪري ته اهي ڪارو ڪاري ۽ غير جي قتل جي هر معاملي تي جاچ ڪري ته جيئن قاتلن کي سزا ڏياري وڃي. وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته هڪ پاليسيءَ جو اعلان ڪيو وڃي ته هر پوليس آفيسر جي ايندڙ ترقي جي معيار لاءِ تحقيق واري ونگ ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. وارڊ ۾ انسپيڪٽرن کان ويندي ايس ايس پي تائين سمورن پوليس آفيسرن کي انويسٽيگيشن وارن ڪمن ۾ انهن جي خدمت جي هڪ حصي جي بنياد تي اي سي آر ڏني ويندي. وڏي وزير چيو ته سندس ڏوهن واري رپورٽ مان خوش نه آهيان انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. هن ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ کي هدايت ڪئي ته هُو انٽيليجنس واري ڪمن کي وڌي مضبوط ڪيو وڃي ۽ لاڳاپيل پوليس آفيسر کين ڏوهن بابت صورتحال ٻڌائيندا رهن. هن چيو ته مان صوبي ۾ امن امان جي گڏيل صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ مربوط ۽ جامع اپائن ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڏوهن جي صورتحال کي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ هڪ سسٽم بڻائي رهيو آهي ۽ اهو ضلعن جي حساب سان ڊيٽا جي بنياد تي ڪم ڪندو ته جيئن لاڳاپيل پوليس کي جوابده بڻايو وڃي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هُو ڇنڇر واري ڏينهن کان ڊرگ مافيا خلاف ڀرپور ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو وڃي. ۽ سندس روزاني جي بنياد تي رپورٽ موڪلي وڃي. هن چيو ته ٻارن، عورتن ۽ اقليتن خلاف ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تي پهچايو وڃي. هن چيو ته سندس ٻه يا ٽي ڀيرا امن امان واري صورتحال جو جائزو وٺندو ۽ ان مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم جي صلاحڪار خلاف ٽنڊو محمد خان ۾ پيش ايندڙ واقعي جو سنجيدگيءَ سان نوٽس وٺندي ڊي آءِ جي حيدرآباد کي تفصيلي انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙا واقعا غير جمهوري آهن جيڪي نه ٿيڻ گهرجن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو