94

سنڌ مان لڏي ويلن جون ڇڏيل ملڪيتون ڪنهن به صورت ۾ نيلام ٿيڻ نه ڏينداسين: اسماعيل راهو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار سنڌ جون زمينون وفاقي حڪومت کي ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. يونيورسٽين ۽ بورڊ واري صوبائي اسماعيل راھو چيو آھي ته سنڌ سرڪار سنڌ جون ملڪيتون وفاقي حڪومت کي ڪنھن به صورت ۾ نه ڏيندي، سنڌ ۾ 1965 ۽ 1971 ۾ ڇڏيل ملڪيتون ڪنهن به صورت ۾ نيلام ٿيڻ نه ڏينداسين. ھن وڌيڪ چيو ته بنگالين ۽ ٻين جون سنڌ ۾ ڇڏيل ملڪيتون رڳو سنڌ جي عوام جون آهن، وفاقي سرڪار يا ٻي ڪنهن جون نه آهن، پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيوايم سنڌخلاف سازشون بند ڪن، اهي ياد رکن ته سازش  ڪندڙ هميشه منهن ڀر ڪريا آهن، وفاقي حڪومت جي ٺاهيل ڪميٽي غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، جنھن کي رد ڪريون ٿا.صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته وفاقي حڪومت ۾ ويٺل سازشي ٽولن جون سازشون ناڪام ڪنداسين، سنڌ جي عوام ڀارت مان آيل مهاجرن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، پر هاڻ سنڌ کي عالمي يتيم خانو ٿيڻ نه ڏينداسين، بنگالين، بهارين، افغانين ۽ ٻين پرڏيهين کي سنڌ ۾ زمين ته ڇا هڪ سِر به نه ڏينداسين، پي ٽي آئي حڪومت پنهنجي حدن ۾ رهي، سنڌ جي زمينن تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو. اسماعيل راهو مطالبو ڪيو ته افغان مهاجرن ۽ ٻين پر ڏيهين کي سنڌ مان ڪڍيو وڃي، شيخ رشيد غير قانوني رهندڙ غير ملڪين کي 14 آگسٽ تائين وقت ڏنو هو. صوبائي وزير وفاقي حڪومت کان سوال ڪيو ته ڇا متروڪه ملڪيتون پنجاب ۽ ڪي پي ۾ نه آهن؟  ڇا اتان لاءِ ڪا ڪميٽي ٺاهي وئي، عمران خان ٽن سالن ۾ سنڌ جي عوام کي هڪ سربه نه ڏني آهي، ڪوڙي حڪومت جون ڪميٽيون به ڪوڙيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو