121

ڪچو ڏوهارين کان خالي ڪرائڻ جو حڪم، اڃا ڌاڙيلن مان جان ڇڏائي ناهيون سگهيا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪچي جو علائقو ڏوهارين کان خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ٺهندي ايترو عرصو گذري چڪو آهي، پر اسان اڃا تائين ڌاڙيلن مان جان ڇڏائي ناهيون سگهيا، رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ ۾ رحيم يار خان مندر حملي ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي، لاڳاپيل ڌريون پيش ٿيون،  چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد ڪچي جو علائقو ڌاڙيلن کان خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته ڪچي ۾ موجود ڌاڙيل ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ملڪيتن کي به نقصان پهچائين ٿا، پنجاب حڪومت ۽ آءِ جي رحيم يار خان جي ڪچي جو علائقو ڌاڙيلن کان ڪليئر ڪرائڻ کي يقيني بڻائين، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته رحيم يار خان ۾ مندر تي حملي ۾ ملوث جوابدارن جي هڪ هفتي ۾ سڃاڻپ مڪمل ڪئي وڃي ۽ بيگناهه ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي، 8 ورهين جي نينگر کي گرفتار ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، مندر جو ڪم مهيني اندر مڪمل ٿيڻ گهرجي.عدالت ڌرين جي دليلن کانپوءِ ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر بهاولپور ۽ ڊپٽي ڪمشنر رحيم يار خان کي طلب ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو