لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي سياحتي شهر پلي مائوٿ ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا،جن جا لاش اسپتال نيا ويا، هوڏانهن حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ جيڪ ڊيوسن طور ٿي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو دهشتگردي ناهي، جاچ ڪريون پيا، جڏهن ته انگلينڊ جي گهرو وزير پريتي پٽيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
