اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان افغانستان ۾ ڦاٿل صحافين لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عالمي صحافي ۽ ميڊيا ڪارڪن پاڪستان رستي نڪرڻ چاهين ٿا ته درخواست ڏين، هن وڌيڪ چيو ته درخواست ڏيندڙ صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي ترجيح بنيادن تي ويزا ڏني ويندي، صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي اهڙو فيصلو ڪيو آهي.
119