ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پيمرا چيئرمين کي لائسنس معطل ڪرڻ جو اختيار غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيمرا چيئرمين پاران ٽي وي چئنل جو لائسنس معطل ڪرڻ جي اختيار بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پيمرا چيئرمين کي ٽي وي چئنل جو لائسنس معطل ڪرڻ جو اختيار غير قانوني قرار ڏنو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 24 اپريل 2001ع تي ٿيل پيمرا اجلاس جي ڪارروائي غير قانوني هئي، لائسنس معطل ڪرڻ جو اختيار پيمرا چيئرمين يا ڪنهن آفيسر کي نه ٿو ڏئي سگهجي.
