113

فياض چوهاڻ حڪومتي ترجمان بڻجڻ بعد ٻيا ترجمان فارغ ڪري ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي جيلن واري صوبائي وزير فياض چوهاڻ حڪومتي ترجمان بڻجڻ بعد ٻين ترجمانن کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب  جيلن واري  وزير فياض الحسن چوهاڻ  کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب حڪومت  جي ترجمان جي اضافي ذميواري ڏني وئي آهي، نئين ذميواري ملندي هن اڳ ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ترجمانن کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سمورن حڪومتي ترجمانن کي فارغ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو