113

وڏيون سياسي پارٽيون چونڊ سڌارن تي سياست ڪن پيون: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ٽئي وڏيون سياسي پارٽيون چونڊ  ۾ اصلاحات جي نالي تي سياست ڪري رهيون آهن. حقيقت اها آهي ته انڌي منڊي جمهوريت ۽ اليڪشن جي نالي تي سليڪشن انهن جي لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي.ڪجھه خاندانن پوري نظام کي يرغمال بنايو آهي. ملڪ جا نوجوان ايٽم بم کان به وڏي طاقتور آھن. جيڪڏھن ملڪ ۾ ڪارخانا لڳايا وڃن ھا ته ر ايٽمي طاقت سان گڏوگڏ  دنيا ۾ معاشي طاقت به ھجي ھا. ٽن وڏين پارٽين عوام کي سنهري خواب ڏيکاري پنهنجو واعدا ٽوڙيا. وزيراعظم عمران خان سموري قوم کي کا ٻو هٿ ڏيکاري ساڄو ڌڪ هنيو آهي. نوجوانن کي مايوسي بدران جماعت اسلامي ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. جتي نوجوانن جو ايترو وڏو تعداد آهي هن ملڪ کي قرض نه پر ٻين کي قرض ڏيڻ گهرجي. اسان کي جدوجهد شروع ڪرڻي پوندي ته جيئن نوجوانن کي ملڪ جي ڦاٿل دلدل مان ڪڍي سگھجي. اچو ته قوم جماعت اسلامي جي حمايت ڪري ، اقتدار ۾ اچي ۽ نظام کي اسلام جي تابع بڻائي اسلام عورتن ۽ اقليتن جي حقن جي مڪمل ضمانت ڏئي ٿو. اسان سمجهون ٿا سموري انسانيت خدا جو ڪٽنب آھي ۽ تنھنڪري بنيادي انساني حقن جي فراهمي اسان جي ترجيحن ۾ پھريائين آھي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوجوانن جي عالمي ڏهاڙي تي منصوره ۾ نوجوانن کي خطاب ڪندي ۽ ورجينيا جي عيسائي مشنرين جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو