132

ناصر شاهه ايف آءِ اي وٽ پيش، جوابدار کي سڃاڻڻ کا انڪار، مان جوابدار کي نٿو سڃاڻان انهن جو نمبر به منهنجي موبائل ۾ ناهي: ناصر حسين شاهه

 اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد خلاف نازيبا تقرير معاملي تي بلديات جو صوبائي وزير ناصر حسين شاهه وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائيم سرڪل ۾ پيش ٿيو، ايف آءِ اي عملدارن موجب ناصر شاهه جوابدار سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان جوابدار کي نٿو سڃاڻان انهن جو نمبر به منهنجي موبائل ۾ ناهي، ان جوابدار جيڪو وڊيو ڪلپ موڪليو هو اهو مون کوليو به ناهي، ايف آءِ اي علملدارن موجب صوبائي وزير سعيد غني ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ۾ پيش نه ٿيو، رڳو شهلارضا ۽ ناصر حسين شاهه جاچ جو حصو بڻيا آهن، ٻين کي عاشوره کانپوءِ اسلام آباد ۾ گهرايو ويندو. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو