160

سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ کي پر ڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيندي کيس 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت شرجيل انعام ميمڻ کي ٽرائيل ڪورٽ کان پڻ اجازت وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه شرجيل انعام ميمڻ پاران پرڏيهه وڃڻ بابت داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جنهن ڏينهن عدالت شرجيل انعام ميمڻ کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ان ڏينهن کان 30 ڏينهن تائين هو پرڏيهه وڃي سگهي ٿو جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر شرجيل ميمڻ کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته شرجيل ميمڻ ملڪ کان ٻاهر هليو ويو ته واپس نه ايندو جنهن تي شرجيل انعام ميمڻ جي وڌيڪ چيو ته شرجيل انعام ميمڻ جي ڌيءَ آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪري رهي آهي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ چاهي ٿو تنهن ڪري گذارش آهي ته 30 ڏينهن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته شرجيل انعام ميمڻ خلاف ٻه ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهن جڏهن ته شرجيل انعام ميمڻ خلاف انفارميشن کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين بابت انڪوائري پڻ جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو