121

نور مقدم ڪيس: واقعي کي ڦر جو رنگ ڏيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ گذريل مهيني جي آخر ۾ قتل ڪيل نور مقدم جي قتل ڪيس ۾ نئون موڙ سامهون اچي ويو آهي، ذريعن موجب نور مقدم قتل ڪيس جي جوابدار ظاهر جعفر جي والد ذاڪر جعفر واقعي کي ڦر جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ذاڪر جعفر نور مقدم جي قتل کانپوءِ پنهنجي بااثر دوستن سان رابطو ڪيو، ذاڪر جعفر ٻڌايو ته گهر مان ڦر ٿي آهي، جنهن  دوران پٽ تي تشدد ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ ڦورو به مارجي ويو آهي ۽ ٻڌايو ته قتل جي معاملي مان جان ڪيئن ڇڏايون، مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪريو، هوڏانهن ڪيس ۾  اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جوابدار ظاهر جعفر جي گهر مان مالهي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب واقعي واري ڏينهن گهر ۾ موجود هيو، واقعي کانپوءِ مانسهره فرار ٿي ويو هو، جاچ دوران کانس اهم معلومات ورتي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو