139

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊ ز ۾ اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊ ز ۾ اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو  آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي صوبي ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊ اليڪشن ۾ پارٽي اميدوارن کي حتمي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي 8 ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ پيپلز پارٽي 51 اميدوارن کي فائنل ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت ڪراچي جي 6 ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن لاءِ 39 اميدوار ميدان ۾ هوندا جڏهن ته فيصل ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن لاءِ 10 اميدوار ميدان ۾ هوندا. پيپلز پارٽي ڪورنگي ڪريڪ ڪنٽونمينٽ ۾ 5، منوڙا ڪنٽونمينٽ ۾ 2 اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺندا. ڪراچي ڪنٽونمينٽ بورڊ صدر ۾ 5 ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ ۾ 10 اميدوارن کي فائنل ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي ملير ڪنٽونمينٽ بورڊ لاءِ 10 اميدوار ميدان ۾ لاهڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته حيدرآباد ڪنٽونمينٽ بورڊ جي وارڊز جي سيٽن تي 10 ۽ پنوعاقل ڪنٽونمينٽ جي سيٽ تي هڪ اميدوار ميدان هوندو. ياد رهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊ جون چونڊون 12 سيپٽمبر تي ٿينديون. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو