120

هلندڙ سال معيشت ۾ 5 سيڪڙو تائين واڌ ٿي سگهي ٿي: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر چيو آهي ته هلندڙ سال معيشت ۾ 5 سيڪڙو تائين واڌ ٿي سگهي ٿي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر  وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف وٽان 2 ارب 77 ڪروڙ ڊالر ملڻ سان ناڻي ۾سٺي واڌ ٿيندي. پاڪستان کي هاڻي ڪرنٽ اڪائونٽ ۾کوٽ بابت ڳڻتي جي ضرورت نه آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو 2 کان 3 سيڪڙو شرح رهڻ جو اندازو آهي. ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 18 ارب ڊالر آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ مالي خساري تي ضابطو آڻي معاشي استحڪام ماڻي ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو