ليکڪ: طفيل مگسي
وجوديت جي تحريڪ کي چاهي فلسفو چئي ڪري رد ڪرڻ جا سبب ميسر ڪيا وڃن.پر اها نهايت ضروري آھي، وجودي مفڪر گڏيل زندگي جي مقابلي ۾ فرد کي بنيادي اهميت ڏين ٿا، انهن جي فڪر ۽ فلسفي ۾ انسان جو انفرادي وجود بنيادي اهميت رکي ٿو، عالمي افق تي وجوديت جي ادبي عظمت ان وقت هڪ سچي حقيقت تسليم ڪئي وئي، جڏھن فرانسيسي مفڪر جين پال سارتر کي نوبل پرائز پيش ڪيو ويو ۽ ھن ان آڇ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ شايد هن نوبل انعام جي آڇ ان لاءِ رد ڪئي ته هن جي خيال ۾ هڪ اديب کي سواءِ پنهنجن لفظن جي ڪنهن ٻي شيءِ جو سهارو نه وٺڻ گهرجي، هن جي مطابق “زان پال سارتر کي نوبل انعام يافتا لکڻ ۾ چٽو فرق آھي، وجوديت جي نقطئه نظر کان پنهنجي ذات کي پيش ڪرڻ يا ڪنهن اعزاز يا اختيار جو سهارو وٺي ڪري پنهنجي ذات جي نمائندگي ڪرڻ سان ذات جي اصل حقيقت جو اظھار نٿو ٿئي پر ذات جي نفي ٿئي ٿي، حقيقت ۾ اهي علمي نظريا زنده فلسفي جي ان ٻرندڙ بٺي مان ڪڍيا ويا آھن، جنهن ۾ پگهرجي فنا ٿي وڃڻ واري انسان جي لاءِ ڪو قانون چرپر ۾ نٿو اچي، پر اسيمبلي ميمبرن جي عزت ايتري آھي ته انهن لاءِ بل فوري طور تي منظور ڪيو وڃي ٿو، انهن جي فون ڪال اٽينڊ نه ڪرڻ تي انهن جي عزت نه ڪرڻ وارن کي اسيمبلي ۾ گهرائي انهن کي سمجهايو وڃي ٿو، ٻي پاسي ڏسجي ته ڪو به حڪومتي ملازم پنهنجي شعبي جو تابع هوندو آھي، جنهن جي لاءِ ھو ڪيترائي امتحان پاس ڪندو آھي پر جڏھن هو پنهنجن حقن واري ڪنهن احتجاج ۾ لٺيون کائي ٿو، ڳوڙها گئس کي منهن ڏئي ٿو ته ڇا اها سندس بيعزتي ناهي؟ جڏھن ڪا عورت ٻار کي رستي ۾ جنم ڏئي ٿي ته ڇا اها بيعزتي ناهي؟ ويڪسين نه هڻائڻ واري کي ڪارروائي جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون پر مسلسل لکين ماڻھو فاڪاڪشي جو شڪار آھن انهن جي ڀلائي جي لاءِ ڪو قانون ناهي، عام اصول مطابق سمورا انسان پنهنجي زندگي جي انفراديت جو حق رکن ٿا پر انهيءَ جا حقدار يا خودمختيار اڳواڻ آھن ۽ عام طور تي اهوئي سمجهيو وڃي ٿو ته قانون ۾ ته هر شھري کي هڪ جهڙا حق حاصل آھن پر اسان جي معاشري ۾ عجيب ئي رواج آھن.ڪجهھ ماڻھو جڏھن قانون کان پاڻ کي مٿاهون سمجهن ٿا، ته استحقاق جي نالي تي رعايتي نمبرن ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، اهو چٽو آھي ته استحقاق عملي طور تي اهڙو حق يا تحفظ آھي جيڪو ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ماڻھن کي انهن عام فائدن کان وڌيڪ حاصل هجي يعني ڪنهن فرد لاءِ ڪنهن خاص حق يا تحفظ جي منظوري جيڪا ڪو وقت عام حق جي منافي به هوندي آھي، انفرادي طور تي ڪارڪردگي چيڪ ڪرڻ جا ڪيترائي پيمانا آھن پر جن علائقن ۾ ھر ڇهين مهيني کانپوءِ تيار ٿيل رستو ٽٽي ٿو انهن فنڊن ۾ به گهوٻيون لڳن ٿيون، اتي ڪنهن کي شوڪاز نوٽيس نٿو ڏنو وڃي، ڪيترن ئي ماڻھن جي اميدن.خواهشن ۽ خوابن جو وزن کڻي اسيمبلي ۾ پهچڻ وارن کي صرف پنهنجي اختيارن ۽ طاقت کي دائمي بنائڻ جو شوق ۽ حفاظت جا طريقا نڀائڻ اچن ٿا، ڇا آواز اٿارڻ گناهه تصور ڪيو ويندو، حادثن جي صورت ۾ ڪو استعيفيٰ نٿو ڏئي،ڪنهن ۾ اھڙي اخلاقي همت ناهي، پر اها خواهش ضرور آھي ته شھر جي هر چوڪ تي انهن جا مجسما لڳايا وڃن پر اهڙو ڪم ڪرڻ نهايت مشڪل آھي، جنهن جي اعتراف ۾ ماڻھن جي دلين ۾ انهن جو احترام ۽ عقيدت قائم رهي سگهي، قانون ڪو پڃرو ناهي، جنهن ۾ پنهنجن مخالفن کي قيد رکيو وڃي ۽ ان جون سيخون ڇڪي ماڻھن کي ڊيڄاريو وڃي، قانون کي جيڪڏھن درياهه سمجهيو وڃي، جنهن جي ذريعي زمين کي آباد ڪري ۽ ملڪ کي سرسبز ڪيو وڃي ته ان مان عام ماڻھو به فائدو وٺي سگهي ٿو، تڏھن ئي دشمنن لاءِ للڪار ۽ مخالفن جي لاءِ نعرو سٺو لڳي ٿو، جتي نظريي جهڙي للڪار ڪمزوري جي نشاني بڻجي وڃي ٿي اتي هر شيءِ ڪمزور بڻجي وڃي ٿي.