ليکڪ: محمد فاروق ٻرڙو
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 74 ھون يوم آزادي جوش جذبي ۽ محرم الحرام جي مھيني جي ڪري ادب ۽ احترام ملھايو پيو وڃي، ان حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سيمينار، مذاڪرا، ريليون، تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن، جڏهن ته سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ خاص طور تي تقريبون ٿي رهيون آهن، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به ھن ڏينهن جي مناسبت سان مختلف پروگرام ڪرايا پيا وڃن، يقيني طور تي ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو پاڪستان ۾ رھندڙ ھر فرد لاءِ خوشيءَ جو سبب ھجڻ گھرجي، ان ڪري ئي ان ڏينھن کي جشن طور ملھايو ويندو آهي ۽ آزادي جي جشن جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، ھاڻي جڏھن اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان 74 سالن جو ٿي چڪو آهي تڏهن اسان جي مجموعي سياسي، سماجي ۽ معاشرتي روين ۾ سنجيدگي جو لقاءُ نظر اچڻ لازمي آهي، ماضيءَ جي مختلف تجربن سٺن ۽ غلط فيصلن، غلطين ۽ ڪاميابين تي غور ڪري اسين پنهنجي مستقبل کي بھتر ڪري سگھون ٿا، پاڪستان جڏهن وجود ۾ آيو هو، تڏهن ملڪ جي باني قائداعظم محمدعلي جناح نئين جڙندڙ ملڪ لاءِ جيڪا ھدايت ڪئي ھئي ان تي اسين پوريءَ ريت 74 سال گذرڻ کانپوءِ به عمل نه ڪري سگھيا آهيون، قائداعظم محمدعلي جناح پنهنجي 11ھين آگسٽ واري خطاب ۾ واضح طور تي چيو ھو ته ھاڻي جڏھن پاڪستان ٺھي چڪو آهي تڏهن ھن ۾ بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ مذھب جي فرق جي سڀ ھن ملڪ جا شھري آهن ۽ سڀني کي ھڪ جيترا حق حاصل آهن، قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي ان تقرير ۾ خاص طور تي اقليتن کي برابري وارا حق ڏيڻ جي ڳالهھ ڪئي ھئي، قائداعظم محمدعلي جناح پنهنجي شروعاتي خظابن ۾ قوم کي اھو به پيغام ڏنو ھو ته قوم کي ھاڻي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته پوري ملڪ جو سماج گروھن ۾ ورھايل نظر اچي ٿو، اھا صورت حال جتي سياست ۾ آهي، اتي سماجي حوالي سان به اسان جا رويا ان قسم جا ئي آهن، جنھن ڪري قوم جي گڏيل طاقت ۽ ٻڌيءَ واري سگھه ڇڙوڇڙ واري حالت ۾ ھڪ ھنڌ گڏ نه ٿي سگهي آهي، ان سلسلي ۾ اسان کي پنهنجي فردي ۽ گروھي مفادن کان مٿانهون ٿي ھڪ ملڪ ۽ ھڪ قوم وانگر سوچڻو آهي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن ۾ رهندڙ ماڻهن سان سان ھڪ جھڙو ورتاءُ ڪيو وڃي، وسيلن جي ورڇ ۾ ڪنهن به ريت اڻ برابري نه ڪئي وڃي، طاقت ۽ اقتدار جي ورڇ ۾ به توازن قائم ڪيو وڃي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثن جو احترام ڪيو وڃي ۽ انھن جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ هڪجهڙيون ڪوششون ورتيون وڃن، تڏهن ئي ملڪ جو ھر فرد پاڻ کي بااختيار، باعزت ۽ طاقتور سمجهندو ۽ ان جي نتيجي ۾ قومي ٻڌيءَ جا بنياد وجھڻ ممڪن ٿي سگھندو، ان سلسلي ۾ سڀ کان اھم ۽ بنيادي ڪردار سياسي ڌرين جو ھوندو آھي، جيڪي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي پاليسين ۾ اھڙو توازن پيدا ڪري سگھن ٿيون، جنهن سان سڀ فرد پاڻ کي ھڪ جيترو بااختيار سمجھڻ لڳن ۽ ان جي نتيجي ۾ سڀئي گڏجي قومي ترقيءَ جي عمل ۾ پنھنجو حصو ۽ ڪردار شامل ڪري سگھن، قائداعظم محمدعلي جناح قوم جي ترقي ۽ اوسر ۾ نظم ۽ ضبط تي تمام گهڻو زور ڏنو ھو پر بدقسمتي سان اسان پنھنجن سماجي روين ۾ اڄ تائين منظم ٿي نه سگھيا آهيون، وقت جو قدر ڪرڻ ۽ ھر ڪم مقرر وقت تي ڪرڻ سماجي طور تي عيب سمجهيو وڃي ٿو، ڪا به تقريب ۽ ڪو به پروگرام پنھنجي مقرر وقت تي شروع نه ٿو ڪيو وڃي، ٽرانسپورٽ پنهنجي مقرر وقت تي نه ته منزل ڏانهن رواني ٿئي ٿي ۽ نه ئي وري منزل تي وقت تي پھچي ٿي، سرڪاري آفيسن ۾ آفيسر توڙي ھيٺيون عملو مقرر وقت تي ڊيوٽي تي اچڻ پنهنجي توھين سمجهي ٿو، ڪنهن به ڪم ڪار سانگي ڪنھن آفيس يا ڪنهن ٻي جاءِ تي قطار ٺاهڻ کي عيب سمجهيو وڃي ٿو ۽ ھر ماڻھو ٻئي کي ٺونٺ هڻي اڳيان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ رھي ٿو، جائز طريقي سان ڪم ڪار ڪرائڻ بدران ھر ماڻھو رشوت توڙي سفارش جو شارٽ ڪٽ ڳولي سماجي قدرن کي زخمي ڪندو رهي ٿو، ان سموري صورتحال ۾ اسين ھڪ ڇڙوڇڙ قوم واري حالت ۾ آھيون، جنهن کي منظم ٿيڻ کان سواءِ سڌريل ملڪن جي قطار ۾ آڻي نه ٿو بيھاري سگهجي، قائداعظم جي اھا سوچ ھئي ته ھن ملڪ جو ھر فرد جڏهن به ڪو ڪم پنھنجي ذميواري تي کڻي ته ان کي اھو ڪم پورو ڪرڻ جي حوالي سان پاڻ تي پڪو ويساھ ھجڻ گھرجي، پر ھتي ان حوالي سان به صورت حال بلڪل ابتڙ نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته سماج ۾ فرد ذميواريون ته کڻن ٿا پر انهن کي پورو ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا، اھڙي ريت سياسي پارٽيون چونڊن دوران چونڊ منشور جي شڪل ۾ واعدا ته ڪن ٿيون پر انھن واعدن کي نڀائڻ جو وقت اچي ٿو ته اھي ھٻڪ جو مظاهرو ڪن ٿيون، تنھن ڪري مجموعي طور تي پوري قوم ۾ ويساھ بحال ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ نتيجا حاصل ڪرڻ جو پڪو پهھ ڪرڻ تمام ضروري ھجي ٿو، اسين سمجھون ٿا ته جشن آزاديءَ جي موقعي تي خوشيون ملهائڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهھ تي به غور ڪرڻ گهرجي ته ملڪ جي باني ھي ملڪ ٺاهڻ وقت جيڪا سوچ ۽ ارادو رکيو ھو، ان تي اسان ڪيترو عمل ڪري رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن عمل جي شعبي ۾ اسين گھربل معيار تي پورا لھي رھيا آھيون ته ڪھڙيءَ ريت اڄ کان ان جي شروعات ڪري پاڻ ۾ نمايان تبديلي آڻي گڏيل قومي تشخص لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگھون ٿا؟