134

قائد اعظم پنهنجي اصولن ۾ ٻڌي جي ڳالهه ڪئي، جنهن جي اسان کي سخت ضرورت آهي: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مزار قائد تي حاضري ڏيڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته قائد اعظم پنهنجي اصولن ۾ ٻڌي جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن جي اسان کي سخت ضرورت آهي. اسان جي ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ پکڙيل ڪورونا جي وبا سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ۽ هن مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀني جو متحد ٿيڻ تمام ضروري آهي هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي نه وسارڻ گهرجي ٻن سالن کان وڌيڪ ٿي ويا آهن ڪشميري ڀائرن تي هندستان جي ظلم ۽ بربريت جا ان کي ياد ڪندي عهد ڪيون ٿا ته انهن سان گڏ آهيون، قائد اعظم محمد علي جناح، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ هاڻي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جيئن متحد ٿي دشمنن جو مقابلو ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا اسان جي پوري ملڪ کي انهن اصولن تي هلڻ گهرجي ۽ اسان جي بزرگن جون جيڪي قربانيون آهن  انهن کي ڪنهن به صورت ۾ رائيگان ٿيڻ نه گهرجي. هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر مان چئي رهيو آهيان اڃا تائين پوري دنيا ڪورونا وبا جي اثر هيٺ آهي الله سائين جي وڏي مهرباني رهي آهي اسان سڀني گڏجي ان سلسلي ۾ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو آهي هاڻي به سڀني کي چوان ٿو ته وبا اڃا موجود آهي ۽ ان جو صحيح طرح سان مقابلو ڪرڻ جو طريقو احتياطي ڪرڻ ئي آهي ۽ ويڪسينيشن وڌ کان وڌ ڪرايو. ان موقعي تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته آزادي کي 74 سال ٿي ويا آهن ان دوران اسان وڙهيا به آهيون کٽيو به آهي ۽ هار به ڏٺي آهي پر جيئن ته جيڪو وڙهڻ ڄاڻي ٿو اهي قومون ٻيهر اٿي بيهنديون آهن ۽ ٻيهر جنگ جي شروعات ڪنديون آهن هڪ اهڙي جنگ جيڪا ترقي جي لاءِ هجي ۽ انشاءَ الله ان جنگ ۾ اسان پنهنجو حصو وجهنداسين پنهنجي ملڪ کي بهتر کان بهتر بنائڻ جي لاءِ هن چيو ته هن وقت پاڪستان ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي افغانستان جي بگڙجندڙ صورتحال جا اثر پاڪستان تائين ايندا ۽ هي وقت آهي ته اسان سڀ گڏجي پنهنجي ملڪ کي هن مشڪل وقت مان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ ضروري آهي ته قوم جي حيثيت ۾ ايندڙ مشڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀ متحد ٿيون گڏ نظر اچون جيڪڏهن اسان هن وقت ننڍين ننڍين انائن جي ڪري منتشر رهياسن ۽ هڪ قوم نه بنجي سگهياسين ته خدانخواسته اسان جي ملڪ کي تمام وڏو خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو ان ڪري اسان کي گڏ ٿيڻو آهي اسان اڄ عهد ڪيون ٿا ته اسان سڀ پنهنجي ملڪ جي حفاظت خاطر جان ۽ مال سميت سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏينداسين ۽ ڪنهن به بيروني يا اندروني خطرن کي پنهجي وطن تي اثر انداز ٿيڻ نه ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو