ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي علائقي اسمنگلي روڊ تي دستي بم حملي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سرڪاري ذريعن مطابق صبح جي وقت ڪوئيٽا جي علائقي اسمنگلي روڊ تي سرخ پل وٽ اڻڄاتل ماڻهن اوچتو دستي بم اڇلايو ۽ فرار ٿي ويا جنهن سان هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ عزت الله، امجد ۽ هڪ اڻڄتال شخص زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ايڌي ايمبولنس ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي انهن کي طبي امداد جاري آهي. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي جو ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي آهي.
