170

بدين ضلعي ۾ ڪورونا ڪيسن جو تعداد 5 هزار کان ٽپي ويو، 34 نوان ڪيس ظاهر

بدين (ويب ڊيسڪ) بدين ۾ ڪورونا وائرس جا 34 نوان ڪيس ظاهر ضلع ۾ ڪورانا ڪيسن جو تعداد 5 هزار کان ٽپي ويو، رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڇوٿيب لهر شروع ٿيڻ بعد بدين ضلعي ۾ پڻ ڪورانا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو آهي ان ڏس ۾ ڪورونا صورتحال بابت صحت کاتي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر ڪامل ميمڻ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ضلع ۾ وڌيڪ 34 ڪيس ظاهر ٿيا آهن جنهن سان ضلع ڪورونا ڪيسن جو تعداد 5 هزار 1 سئو 28 ٿي ويو جنهن مان 27 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن جڏهن ڪورانا جي فعال 407  ڪيسن جا 5 مريض اسپتال ۾ داخل آهن ۽ 402 گهرن ۾ آئسوليٽ ٿيل آهن 1330 ورتل ڪورانا ٽيسٽ جي نتيجن جو انتظار آهي فوڪل پرسن موجب 4 هزار 6 سئو 94 مريض ڪورانا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو