ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ٺهرائن تي وفاق پاران عمل نه ڪرڻ تي تڪليف ٿيندي آهي، اسان کي اهميت ڇو نه ٿي ڏني وڃي، وفاق کي پرڏيهي پاليسي بهتر ڪرڻي پوندي، اهڙو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ آزادي جي ڏهاڙي تي قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ ۽ ڪيڪ ڪٽڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اسپيڪر آغا سراج دراني وڌيڪ چيو ته هن چيو ته افغانستان سان ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، اهي به مسلمان ڀائر آهن، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي، هن چيو ته هر سال عوام سان وعدا ڪيا ويندا آهن پر انهن تي عمل نه ڪيو ويندو آهي، عوام پنهنجي تڪليفن کي ڏسي پيو ان جو وفاق تي وزن پوندو، وفاق کي مهانگائي ختم ڪري عوام جي خدمت ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته نيب جي رڪوري جي ڄاڻ نه آهي باقي ڪيسن کي ته آئون پاڻ منهن ڏيان پيو، اميد آهي ته عدالتن مان انصاف ملندو، ارباب رحيم سان پيش آيل واقعي تي هن چيو ته اها پارٽي جي لائين نه آهي، ارباب رحيم کي جيڏانهن وڃڻو آهي آزادي سان وڃي سگهي ٿو، سنڌ اسيمبلي جي ٺهرائن تي عمل نه ٿيڻ بابت سوال جو جواب ڏيندي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ سبب پاڪستان قائم ٿيو، تڏهن جيڪي ٺهراءَ پاس ٿيندو هو ان تي عمل ڪندا هئا، پاڪستان کپي جو ٺهراءُ پاس ٿيو ته پاڪستان قائم ٿي ويو، انگريزن ان تي عمل ڪيو، هاڻي به اسان ملڪ جي بهتري لاءِ ٺهراءَ پاس ڪري وفاق کي موڪليون ٿا، پر انهن تي عمل نه ٿو ٿئي، ان تي تڪليف ضرور ٿيندي آهي، هن چيو ته جنهن اسيمبلي پاڪستان ٺاهيو آهي، وڏن جو قربانيون آهن، اسيمبلي سياسي ادارو نه آهي، هي قانون ٺاهيندڙ ادارو آهي پوءِ سنڌ اسيمبلي کي ايتري اهميت ڇو نه ٿي ڏني وڃي.هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جو ملڪ کان اڳ ۽ هاڻي وڏو رول آهي، سنڌ اسيمبلي آن لائين هلي ٿي، ائين ڪٿي به نه آهي.
