ڪراچي (ويب ڊسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شڪارپور ضلعي جي پوليس لاءِ 50 لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ٻن بدنام زمانه ڌاڙيلن جهنگل عرف موٽو تيغاڻي ۽ جان محمد تيغاڻي کي هڪ مقابلي ۾ ماريو. ٻئي گهربل ڌاڙيل جهنگل تيغاني ۽ جان محمد تيغاڻي، قتل، ڀنگ عيوض اغوا، هاءِ وي تي چوريون ۽ ٻن پوليس اهلڪارن منور جتوئي ۽ عبدالخالق کي قتل ڪرڻ جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئا. پوليس جھنگل تيغاڻي خلاف 36 ۽ جان محمد خلاف 21 ايف آءِ آر داخل ڪيون ھيون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻنهي بدنام ڌاڙيلن جي مارجڻ سان پوليس جو مورال بهتر ٿيو آهي ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي عوام سک جو ساهه کنيو آهي. مراد علي شاهه آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته بدنام ڌاڙيلن خلاف جنگ ۾ حصو وندڙ پوليس پارٽي کي تعريفي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا وڃن.
