ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ پوليس ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور ۽ پوليس ٽيم کي 25 لک رپيا روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. آءِ جي سنڌ پوليس مشتاق احمد مھر چيو آھي ته سنڌ پوليس کي ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو جهڙن آفيسرن تي فخر آهي ۽ هن جهڙا آفيسر پوليس جو اثاثو آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي ۽ سندس ساٿي جان محمد مارجي ويا هئا، جن جي زنده يا مرده گرفتاري تي هڪ ڪروڙ رپين جي انعام جي سفارش ٿيل هئي. مارجي ويل ڌاڙيل علائقي ۾ خوف جي علامت سمجھيا ويندا هئا. ٻئي ڌاڙيل قتل، قتل جي ارادي، ڌاڙن، ڀنگ خاطر اغوا، پوليس سان مزاحمت ۽ ٻين سنگين ڏوھن ۾ مجموعي طور تي 48 ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل هئا جڏھن ته اڍائي مھينا اڳ 23 مئي 2021ع تي ان گينگ پوليس جي ٻن جوانن سميت ھڪ شھري کي شھيد ڪيو ۽ اگسٽ 2019ع ۾ ڊي ايس پي رائو شفيع الله کي به انھن ڌاڙيلن شھيد ڪيو.
145