ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽي ويجهو غلام الله لڳ انسانيت کي لڄائيندڙ بدترين افسوسناڪ واقعو، ڳوٺ اشرف چانڊيو جي رهواسڻ فوتي عورت جو تازو دفنايل لاش وحشي درندن ڪڍي بيحرمتي بعد ڪفن کان بغير ڦٽو ڪري ويا، مقامي شاھ عنايت قبرستان ۾ گذريل ڏينهن فوت ٿيل عورت آمنت ڌيءَ رمضان چانڊيو جو لاش مقامي ڳوٺاڻن پاران دفنايو ويو هو، وحشي درندن فوتڻ عورت جو لاش قبر مان ڪڍي بيحرمتي ڪرڻ بعد ڪفن کان آجو حالت ۾ جهنگ ۾ ڦٽو ڪري ويا، ڳوٺاڻن لاش ڏسي غلام الله پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي ايمبولينس طلب ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ فوتڻ عورت جو لاش سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جن ٻيھر فوتي نياڻي کي ساڳئي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو. ٻئي طرف ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان پوليس جي وڏي نفري سميت واقعي واري هنڌ پهچي جائزو وٺي وارثن کان ڄاڻ ورتي، جتي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پھچي ٿيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فوتي نياڻي جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو. ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ هي انتهائي سنگين ۽ درندگي وارو واقعو آهي، ڪجھ شڪي جوابدارن جي نشاندهي ٿي آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ٽيم تشڪيل ڏني وئي آهي، جن پاران ڇاپن جو سلسلو جاري ڪيو ويو آهي، جلد ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو. جڏھن تہ پوليس ڪاروائي ڪندي شڪ جي بنياد تي رفيق چانڊيو کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا لاءِ نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف فوتي نياڻي جي والد رمضان چانديو چيو تہ اسان جي ڪنهن سان بہ ڪا دشمني ناهي، وحشي درندن منهنجي نياڻي جي لاش جي بيحرمتي ڪري ناحق وڏو ظلم ڪيو آهي، ساڻس انصاف ڪيو وڃي.
154